ميسي کي سعودي فٽبال ڪلب طرفان کيڏڻ جي آڇ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي چيمپئن ارجنٽينا جي فاتح ڪپتان ليونل ميسي کي سعودي عرب جي الهلال فٽبال ڪلب جوائن ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. اٽلي جي صحافي فيبريوزو رومانو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪلب 400 ملين يورو ساليانو کيس معاوضو ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي آهي. ميسي فرانس جي ڪلب ايم ايس جي طرفان کيڏي رهيو آهي ۽ سندس ٻن سالن وارو معاهدو ختم ٿيڻ وارو آهي. ميسي اڳ ۾ يورپي ڪلب پاران کيڏڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. ياد رهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي ڪلب النصر طرفان کيڏي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو