بابر اعظم نيوزيلينڊ جي ڪپتان لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن جي صحتيابي لاءِ پيغام جاري ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي بابر اعظم ڪين وليمسن سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو ته توهان جلد صحتياب ٿي وڃو ۽ شاندار واپسي ڪريو.رپورٽن مطابق نيوزيلينڊ وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن جي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ شرڪت انجري سبب ناممڪن ٿي وئي آهي.ڪين وليمسن انڊين پريميئر ليگ ۾ گجرات ٽائيٽنز طرفان کيڏندي فيلڊنگ دوران زخمي ٿي پيو.ٻئي طرف پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون 14، 15 ۽ 17 اپريل تي لاهور ۾ کيڏيون وينديون.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ۽ پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو