رضوان کي پٺي ۾ سور، اڄ جي ميچ ۾ آرام ڪرڻ جومشورو

لاهور (ويب ڊيسڪ)وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي نيوزيلينڊ خلاف ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آرام ڏيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب محمد رضوان هن وقت تائين پٺي جي سور مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيو آهي، اڄ ٻيهر سندس پيٽ جي سور جو جائزو ورتو ويندو جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد رضوان جي جاءِ تي محمد حارث کي پلیئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويندو پر رضوان جي تڪليف سنگين نه آهي، احتياطي طور تي کيس آرام ڏئي سگهجي ٿو.واضح رهي ته ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪلين سوئپ ڪندي محمد رضوان جي پٺي ۾ تڪليف ٿي هئي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ کيڏي ويندي، پاڪستان کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ ٻه زيرو جي برتري حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو