سرفراز هوم سيريز لاءِ ڪپتان برقرار، بابر نائب ڪپتان نامزد

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ سريلنڪا جي دوري دوران هوم سيريز لاءِ سرفراز کي ڪپتان برقرار رکڻ ۽ بابر اعظم کي نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بورڊ جي چيئرمين احسان ماني هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق جي سفارش تي اهڙو فيصلو ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بابر اعظم مستقبل جو ڪپتان آهي ۽ کيس تيار ڪرڻ لاءِ نائب ڪپتان بڻايو ويو آهي. سرفراز  بورڊ جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي ذاتي ۽ ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر ڪندو. هن تسليم ڪيو آهي ته ون ڊي ۾ هو  چاهيندڙن جي توقعات تي پورو ناهي لٿو ۽ آئنده بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. هن چيو ته مصباح الحق ڪامياب ڪپتان آهي ۽ سندس رهنمائي ۾ ٽيم بهتر پرفارم  ڪندي. احسان ماني چيو ته سريلنڪا جي ٽيم دهشتگردي جي حملي جي ڌمڪين باوڳجود پڪ ڏني آهي ته هو دورو ڪندا. سريلنڪا جي جونيئر پليئرز تي مشتمل ٽيم واري سوال تي هن چيو ته اهو سريلنڪا جي سليڪٽرز جو معاملو آهي، اسان اهو سمجهون ٿا ته  انٽرنيشنل ڪرڪٽ پاڪستان ۾ ٿئي پئي. ياد رهي ته اڳ ۾ ڀارت پاران سريلنڪن اهم رانديگرن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي آءِ پي ايل مان خارج ڪرڻ جي ڌمڪي ملي . جنهن بعد دهشتگرد حملو ٿيڻ جي ڌمڪي ملي پر ان جي باوجود به سريلنڪا پاڪستان جو دورو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو