ڇا رونالڊو النصر کي ڇڏي ميڊرڊ واپس پيو وڃي؟

رياض (ويب ڊيسڪ)دنيا جي مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هو سعودي فٽبال ڪلب النصر کي ڇڏي ريئل ميڊرڊ واپس اچڻ تي غور ڪري رهيو آهي.هڪ عرب ميڊيا رپورٽ هڪ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي عرب ڇڏڻ جو فيصلو اتي جي ثقافت سان مطابقت نه رکڻ ۽ ٻولي سمجهڻ ۾ مشڪلاتن سبب ڪيو آهي.رپورٽ موجب ريئل ميڊرڊ جي صدر فلورنٽينو پيريز کيس فٽبال ڪلب ۾ سفير طور شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪرسٽيانو رونالڊو ريئل ميڊرڊ جو سفير بڻجڻ جي آڇ قبول ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هو پنهنجي ڊگهي فٽبال ڪيريئر تان رٽائر ٿي رهيو آهي.ڪرسٽيانو رونالڊو هن سال فيبروري ۾ 38 ورهين جو ٿي ويو ۽ ان وقت کان لڳي رهيو آهي ته هو رٽائرمينٽ بابت سوچي رهيو آهي.هو پنهنجي فٽبال ڪيريئر ۾ 800 گولن سان گڏ هر وقت جي مشهور فٽبال رانديگرن مان هڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو