لاهور (ويب ڊيسڪ)گرانٽ بريڊ برن کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب گرانٽ بريڊ برن کي 2 سالن لاءِ پاڪستاني ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.گرانٽ بريڊ برن نيوزيلينڊ خلاف تازي سيريز ۾ صلاحڪار جي حيثيت سان ڊيوٽي ڪري رهيو هو، جيڪا پاڪستان چئن- هڪ تان کٽي هئي.پاڪستاني ٽيم چوٿين ميچ کٽي عالمي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي وئي آهي.گرانٽ بريڊ برن ان کان اڳ 2018ع کان 2020ع تائين پاڪستاني ٽيم جو فيلڊنگ ڪوچ رهيو، جنهن کانپوءِ هن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون.نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ بريڊ برن اسڪاٽ لينڊ جو هيڊ ڪوچ پڻ رهيو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته بريڊ برن کي هيڊ ڪوچ مقرر ٿيڻ تي خوشي آهي.هن چيو ته هو تمام تجربيڪار ڪوچ آهي ڇاڪاڻ ته هو ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان لاڳاپيل رهيو آهي ان ڪري هو اسان جي ڪلچر کي چڱي ريت سمجهي ٿو.
چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول پڌرو، پاڪ ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي ٿيندو
اسان مجبوري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: عمر ايوب
نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو
پي اي سي جي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ کان نالو طلب
عارف علوي جي 14 فيبروري تائين راهداري ضمانت منظور
ڪسٽم جي ڪارروائي، هڪ لک پرڏيهي شراب جون بوتلون هٿ
ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي
جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ هڪ جوابدار تي جرم لاڳو، فوٽيج فراهمي درخواست رد
سول نافرماني سڏ تي عمل ٿيو ته ملڪ کي ڪافي نقصان پهچندو
سون سستو ،ڊالر مهانگو ٿي ويو
آمريڪي پابندين جو جواز ناهي، ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو
مظفر آباد، ڄاڃين جي گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي،4 ڄڻا فوت، گهوٽ زخمي
تبديلي اچڻ واري آهي، عوام پراميد آهي: عارف علوي
ڳالهيون مذاق رات نه ٿي وڃن: شيخ رشيد
مدرسن جي رجسٽريشن وارو مسئلو فوري حل ڪيو وڃي: لياقت بلوچ
فوجي عدالتن جي ٽرائل ۽ فيصلن تي مايوسي ٿي: اسد قيصر
اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم
جسٽس نعمت الله وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
نين ڪنيڪشن سان انٽرنيٽ جو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي ويندو
پاڪستان ۾ فوجي عدالت طرفان 25 شهرين کي سزا ملڻ تي ڳڻتي