اسلام آباد(بيورور رپورٽ) خورشيد شاهه جي گرفتاري ۽ اپوزيشن جي گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ خلاف قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن هنگامو برپا ڪري ڇڏيو. حڪومت ۽ اپوزيشن جا ميمبر هڪ ٻئي تي تنقيد جا تير وسائيندي هوڪرا ڪندا رهيا. اپوزيشن جي ميمبرن ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي هو سيٽون ڇڏي اسپيڪر ڊائيس آڏو گوڙ ڪندي نعريبازي ڪندا رهيا ۽ اسپيڪر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو، ان کان اڳ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ ڪاروائي شروع ٿي ته هن ايوان کي ٻڌايو ته چيئرمين نيب اطلاع ڏنو آهي ته خورشيد شاهه کي بدعنواني جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن تي اپوزيشن وارن گوڙ ڪيو ته گرفتار اڳ ۾ ڪيو ۽ اطلاع بعد ۾ ڏنو ويو، اوهان ايوان جا ڪسٽوڊين آهيو، ميمبرن جي حقن جو تحفظ اوهان جي ذميوراي آهي جيڪا پوري نٿا ڪريو. سيد نويد قمر چيو ته موجوده حڪومت فوجي آمرن کان به بدتر آهي. خواجا آصف چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ وارو ڪيس به پيو آهي گهٻرايو نه، هن چيوته اسپيڪر پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري قانون جي خلاف ورزي پيو ڪري اسين عدالت ۾ وينداسين. اپوزيشن جا ميمبر ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي آيا. جنهن تي مراد سعيد چيو ته مان سمجهو هي ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف احتجاج ڪندا پر هنن کي پنهنجو مسئلو آهي. هو ته ڪشمير جو ڪيس خراب ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين نيب کي مقرر مسلم ليگ (ن) ۽ پي پي وارن پاڻ ڪيو هو، اسان ته هن کي ڪونه لڳايو آهي. هوڏانهن سکر، روهڙي، پنوعاقل، صالح پٽ، ڪنڌ ڪوٽ ۽ غوثپور مان نمائندن موجب سيد خورشيد شاهه، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتارين خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا ۽ شهر بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
شانگله: پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 4 زخمي
گهرو وزير جي سعودي هم منصب سان ملاقات، سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو