ميلبورين (ويب ڊيسڪ)ائٿليٽ هجي يا عام ماڻهو، ٿڪاوٽ ۽ ننڊ کيس مجبور ڪري ٿي ته ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت سمهي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ وارن ان جو عملي مظاهرو به ڏٺو ته ننڊ ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي.ڀارت خلاف ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائينل ۾ مارنز لابوشين کي ڊريسنگ روم ۾ آرام ڪندي ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ بيٽنگ ڪرڻ جي انتظار ۾ هن جي هڪ نظر اچي وئي ۽ سمهي پيو.ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ٻي اننگز ۾ ننڊ ۾ ٻڏي ويل مارنس لبوشين جون اکيون صحيح وقت تي کُليون جڏهن ڊيوڊ وارنر آئوٽ ٿي ويو ۽ کيس بيٽنگ لاءِ اندر وڃڻو پيو.ڪئميرا تي ڏٺو ويو ته ڊيوڊ وارنر جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ مارنس لابوشين اوچتو اٿي بيٽنگ لاءِ تيار ٿي ويو. واضح رهي ته آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا ٻي اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنسون ٺاهيون هيون. اهڙي ريت آسٽريليا کي ڀارت خلاف 296 رنسن جي برتري حاصل ٿي وئي آهي.آسٽريليا طرفان اسٽيو سمٿ 34، ٽريوس هيڊ 18 ۽ عثمان خواجه 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته مارنوس لبوشين 41 ۽ ڪيمرون گرين 7 رنسون ٺاهيون.
مهاجر ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ سياسي جماعت جو فيصلو آهي،شرجيل
جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ هڪ جوابدار تي جرم لاڳو، فوٽيج فراهمي درخواست رد
سول نافرماني سڏ تي عمل ٿيو ته ملڪ کي ڪافي نقصان پهچندو
سون سستو ،ڊالر مهانگو ٿي ويو
آمريڪي پابندين جو جواز ناهي، ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو
مظفر آباد، ڄاڃين جي گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي،4 ڄڻا فوت، گهوٽ زخمي
تبديلي اچڻ واري آهي، عوام پراميد آهي: عارف علوي
ڳالهيون مذاق رات نه ٿي وڃن: شيخ رشيد
مدرسن جي رجسٽريشن وارو مسئلو فوري حل ڪيو وڃي: لياقت بلوچ
فوجي عدالتن جي ٽرائل ۽ فيصلن تي مايوسي ٿي: اسد قيصر
اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم
جسٽس نعمت الله وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
نين ڪنيڪشن سان انٽرنيٽ جو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي ويندو
پاڪستان ۾ فوجي عدالت طرفان 25 شهرين کي سزا ملڻ تي ڳڻتي
ويسٽ انڊيز ٽيم پاران پاڪستان جو دورو، پهرين ٽيسٽ ڪراچي منتقل
اسلام ۾ ننڍي عمر جي مرد سان نڪاح حرام ناهي: ياسر رضوي
سنڌيار ڪراچي 24 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 24 ڊسمبر 2024ع
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض