اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل ۽ پي اين ايل مان ڪڍڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي کي لاڳاپيل آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.شيرين مزاري وڪيلن احسن جمال پيرزاده ۽ ايمان مزاري سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت شيرين مزاري جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جو نالو اي سي ايل ۾ آهي ته ڪاپي ڪٿي آهي؟ شيرين مزاري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اي سي ايل ۾ نالو داخل ڪرائڻ جي ڪا به ڪاپي ناهي، ميڊيا رپورٽس سامهون آيون آهن.عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو نالو اخبار ۾ به ناهي ته هتي ڪيئن آيو؟ جسٽس طارق محمود جهانگيري رمارڪس ڏيندي چيو ته اخبار جي آرٽيڪل ۾ رڳو هڪ انگ جو ذڪر ڪيو ويو آهي.عدالت شيرين مزاري جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي ڪيسن جو ڇا ٿيو؟ وڪيل جواب ڏنو ته شيرين مزاري کي ڪجهه ڪيسن مان برطرف ڪيو ويو آهي، ڪجهه اڃا التوا ۾ آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست جي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سول نافرماني تحريڪ لاءِ عمران خان جي حڪم جو انتظار آهي: گنڊاپور
شانگله: پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 4 زخمي
گهرو وزير جي سعودي هم منصب سان ملاقات، سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار