ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري کاتن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ پريميئر ليگ صوبي جي نوجوان ڪرڪيٽرن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي جي آڊيٽوريم ۾ سنڌ پريميئر ليگ ۽ بينظير آباد لعلز جي ايم او يو تقريب جي حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي مهمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ايس پي ايل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ايس پي ايل ۾ سنڌ جي پٺ تي پيل ۽ نظر انداز ٿيل علائقن جي نوجوان ڪرڪيٽرن کي به موقعو ڏنو ويندو ته هو پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. ان سان گڏ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي نوجوان ڪرڪيٽرن کي نه صرف موقعو ملندو پر کين اڳتي وڌڻ جا به موقعا ملندا ۽ جڏهن انهن کي شاهد آفريدي ۽ عبدالرزاق سميت ٻين سينيئر رانديگرن جي حمايت ۽ شفقت ملندي ته سندس حوصلا افزائي ٿيندي. غلام حسين شاهد، شهزاد اختر جهڙن ڪرڪيٽ لورز جي به سپورٽ حاصل آهي جڏهن ته عارف ملڪ جو به ان ۾ اهم ڪردار آهي. شاهد آفريدي ۽ عبدالرزاق ڀٽي کان گذارش آهي ته هو ليڊ ڪن. سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ راندين جي سهولتن کي وڌايو پيو وڃي ۽ ارباب صاحب تمام گهڻو ڪم ڪري رهيو آهي. انهن مختلف راندين لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪيون آهن. سردار محمد بخش مهر جيڪو صوبائي راندين وارو وزير پڻ رهي چڪو آهي، پاڻ به هڪ سٺو ڪرڪيٽر هو، هن پنهنجي دور ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. اسان سڀني جو هڪ ئي مقصد آهي ته اهو تمام گهڻو ڪامياب ٿيندو. ان موقعي تي مڪاني ادارن واري وزير اعلان ڪيو ته ايس پي ايل 19 سيپٽمبر کان باضابطه طور تي شروع ڪئي ويندي. آخر ۾ سيد ناصر حسين شاهه ٻيلي واري صوبائي وزير تيمور ٽالپر سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ ايس پي ايل آگاهي بس جو افتتاح پڻ ڪيو، جيڪا سڄي سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري نوجوان ڪرڪيٽرن کي ايس پي ايل بابت آگاهي فراهم ڪندي. بس کي ڪرڪيٽ جي موضوع تي رنگين تصويرن سان سينگاريو ويو آهي ۽ پينٽنگ ذريعي صوبي جي ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ پرڪشش بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد خان آفريدي، سنڌ پريميئر ليگ جي چيئرمين عارف ملڪ، پي سي ايل جي سي اي او شهزاد اختر، ايس پي سي ايل جو مينٽور اڳوڻو آل رائونڊر ڪرڪيٽر عبدالرزاق کان علاوه ٻين پڻ خطاب ڪيو. بينظير آباد لعلز جي اونرشپ جي تقريب چيئرمين آف ڪنگڊم گروپ غلام حسين شاهد ۽ ايس پي سي ايل جي چيئرمين عارف ملڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي عارف ملڪ بينظير آباد لعلز جي اونر کي بينظير آباد لعلز جو جھنڊو پڻ حوالي ڪيو. تقريب ۾ اڳوڻي ۽ موجوده پاڪستاني ڪرڪيٽرن کان علاوه شوبز جي دنيا جي ستارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف خطابن ۾ چيو ويو ته ايس پي ايل جي اعلان سان سنڌ جي نوجوان ڪرڪيٽرن ۾ ان جو حصو بڻجڻ جي خواهش پيدا ٿي وئي آهي ۽ هو بي صبري سان ايس پي ايل جي هر اپڊيٽ جو وڏو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ هو به سندس پيروي ڪري رهيا آهن. ۽ هاڻي ايس پي ايل (SPL) سنڌ نوجوان ڪرڪيٽرن جي دلن جي ڌڙڪن بڻجي وئي آهي، جن کي اڄ تائين ڪنهن به پليٽ فارم تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي.
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو