راشد لطيف پاران پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي کان لاتعلقي جو اظهار

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي، هن چيئرمين مئنيجمينٽ ڪميٽي ذڪا اشرف جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.راشد لطيف چيو ته هو مصباح الحق جي درخواست تي هڪ ڀيرو ملاقات ۾ ويو هو، مان پي سي بي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو حصو ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ نه ٿيندس.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چيئرمين ڪرڪيٽ ڪميٽي ڪئي آهي ته پوءِ ڪرڪيٽ ڪميٽي جو اعلان ڇو نه ڪيو، هو في الحال پي سي بي ۾ ڪم ڪرڻ نٿا چاهين.

پهنجو تبصرو موڪليو