لاهور (ويب ڊيسڪ)ورلڊ اينڊ ايشين سنوڪر چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل کٽيندڙ احسن رمضان کي لاهور پوليس مبينا طور حراست ۾ وٺي ريمانڊ تي حوالي ڪري ڇڏيو.سنوڪر چيمپيئن احسن رمضان ٻين رانديگرن سان گڏ ٽائون ٿاڻي جي علائقي ۾ واقع سنوڪر اڪيڊمي ۾ ايندڙ ايونٽس لاءِ ٽريننگ ڪري رهيو هو ته گرين ٽائون ٿاڻي جي پوليس رات دير تائين سنوڪر ڪلب کي کليل رکڻ تي ڇاپو هنيو ۽ احسن رمضان کي مبينا طور گرفتار ڪري کيس پوليس اسٽيشن وٺي وڃڻ جو چيو. احسن رمضان جو چوڻ آهي ته جڏهن مون پوليس آفيسرن کي چيو ته مان عالمي چيمپيئن آهيان ته چوندا هئا ته اسان تي ڪهڙو احسان آهي، اسان کي روڪيو ۽ گاليون ڏنيون، هميشه ڪوشش ڪئي ته پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ۽ ڪامياب ڪريون پر. مون کي خبر نه هئي ته مان پنهنجي ئي ملڪ ۾ ذليل ٿي ويندس.بعد ۾ سندس ويجهي دوست جي پوليس اسٽيشن پهچڻ کان اڳ ئي کيس حراست مان ڪڍيو ويو.ورلڊ ۽ ايشين چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل کٽيندڙ احسن رمضان واقعو بيان ڪندي روئي پيو.عالمي چيمپيئن احسن رمضان جون بيلٽ پائڻ جون تصويرون حوالات کان ٻاهر ڏسي سگهجن ٿيون.احسن رمضان وزيراعظم شهباز شريف ۽ آءِ جي پوليس پنجاب کي اپيل ڪئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ