فوج کي غيرقانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته مان ڪڏهن به نه چاهيندس ته هن ملڪ جي فوج پنهنجي شهرين تي بندوق کڻي، فوج سرحدن جي محافظ آهي، 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو سنجيده آهي.سپريم ڪورٽ ۾ اڄ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران وڪيل اعتزاز احسن سپريم ڪورٽ کان آفيشل سيڪريٽريٽ ايڪٽ ۾ ترميم تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪئي. هن چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ڳجهي ايجنسين کي ڪنهن به جڳهه ريڊ ڪرڻ ۽ گرفتاري جو اختيار ڏنو ويو آهي. نئين قانون موجب بنا سرچ وارنٽ جي ڪنهن جي گهر ۾ به داخل ٿي سگهجي ٿو. اعتزاز احسن چيو ته نئين قانون موجب ڳجها ادارا ڪنهن به وقت ڪنهن جي به تلاشي وٺي سگهن ٿا. ڳجهي ايجنسين کي بنا ڪنهن گرفتاري وارنٽ جي تلاشي جو حق قانونسازي ذريعي ڏنو ويو آهي. جيڪو قانون کان مٿانهون حڪم آهي. مون عدالت جي سينئر آفيسر جي طور تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي.ان موقعي تي اٽارني جنرل دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته متوازي عدالتي نظام بابت دليل ڏيندس. لياقت حسين ڪيس ۾ مڪمل بحث سول نوعيت جي ڏوهه بابت هو. اهڙن ماڻهن کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن ٽو ڊي ون جي تحت چارج ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف بي علي ڪيس موجب آرمي ايڪٽ جي تحت چارج تي ڪورٽ مارشل ٿيندو. عدالتي حوالي سان ڏٺو وڃي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي قلمن تحت گرفتار ماڻهن تي نٿا لڳن. اڃان ته بنيادي انساني حقن جي ڳالهه تي اسان آيا ئي نه آهيون. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اعتزاز احسن پڇاڻو ڪيو ته آفيشل سيڪريٽريٽ ايڪٽ بل آهي يا قانون؟ ڏسون پارليامينٽ جو ٻيو ايوان ڇا ٿو ڪري؟ اسان کي وڌيڪ خبر نه آهي پر صرف اخبار ۾ پڙهيو آهي. لارجر بينچ جو فيصلو آهي ته اڪيلو چيف جسٽس پاڻمرادو نٿو وٺي سگهي. خوشقسمتي سان بل هن وقت به هڪ ايوان ۾ بحث هيٺ آهي.ٻڌڻي دوران وڪيل لطيف کوسي عدالت کي درخواست ڪندي چيو ته صرف هڪ استدعا آهي ته هن ڪيس جو هن هفتي ئي فيصلو ڪريو، لطيف کوسي جي استدعا تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ ساٿي پنهنجي اڻ ڄاڻايل سببن جي بنياد تي هڪ مهيني لاءِ موڪل تي وڃي ٿو. چڱي ريت خبر آهي ته ملڪ ۽ هن عدالت ۾ مشڪل وقت هلي رهيو آهي.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جيستائين منهنجو تعلق آهي ته مان رات 8 وڳي تائين ويهندو آهيان. عدالتي موڪلون آهن ۽ بينچ ۾ شامل ڪجهه ججز هڪ به ڏينهن جي موڪل نه ڪئي آهي. ٽيڪنيڪي طور تي عدالتي موڪلون 3 مهينن جي لاءِ آهن پر اسان هڪ مهيني جون موڪلون ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين.جنهن کان پوءِ ملٽري ڪورٽس ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته 2 هفتن تائين فوجي عدالتن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ممڪن نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو