حڪومت قومي ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان حڪومت قومي ٽيم کي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان هميشه ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته راندين ۽ سياست الڳ الڳ آهن، پاڪستان ۽ ڀارت لاڳاپا عالمي راندين جي راهه ۾ نه اچڻ گهرجن.پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ڀارت ۾ سڪيورٽي خدشا آهن، خدشن کان آءِ سي سي ۽ ڀارتي حڪومت کي آگاهه ڪنداسين.پرڏيهي آفيس جو چوڻ هو ته اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم کي ڀارت ۾ مڪمل سڪيورٽي ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو