عمران خان جي اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقلي لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل نعيم حيدر پنجوٺو پاران عمران خان کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي.نعيم پنجوت طرفان داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ اي ڪلاس فراهم ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم کي جيل ۾ ساڻس ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته عمران خان کي سندس ذاتي معالج، گهر ڀاتين ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو