خان جي دفاع جو حق بحال ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ )اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشاخانا ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي دفاع جو حق بحال ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ دفاع جو حق بحال ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي 10 آگسٽ تي ٿيندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق 10 آگسٽ تي درخواست جي ٻڌڻي ڪندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو