ننگرپارڪر: (رپورٽر) ننگرپارڪر ۾ ايس ٽي پي جو ڪارونجهر بچايو جلسو، ڊاڪٽر قادر مگسي جي شرڪت، گلن جي ورکا، ڪارونجهر جي نيلامي خلاف نعرا.ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ڪارونجهر کي ڪوري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ هنن پيپلن جو هٿ آهي، هي چاهين ٿا ته وسيلا تين وال ڪري ڇڏجن، دنيا ۾ جيڪي به جنگين دوران ڪي عمارتون بچيل آهن ته اتي جا حڪمران اُنهن کي بچائي نمائيش طور رکيو ويٺا آهن ۽ ماڻهن کي تاريخ ٻڌائيندا آهن پر هتان جا حڪمران اُنهن شين کي محفوظ بڻائڻ بدران ويتر وڪڻي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن. هن چيو ته ڪينجهر ۽ ڪارونجهر تي قبضي جي ڪوشش ڪري سنڌ جي وسيلن کي کائي کپائي رهيو آهي، اسان سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، عوام ساٿ ڏي ته هنن ڪرپٽ حڪمرانن جون نااهليون ظاهر ڪجن، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام هنن کان ڪارونجهر کپائڻ جو پڇاڻو ڪري، چورن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ٿرڪول منصوبن مان بجلي پيداور باوجود هتان جي ماڻهن کي ٽڪي جو به رليف ناهي ملي سگهيو، ٿرواسي روزگار لاءِ دربدر آهن ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر ڪروڙين سنڌين جو آهي، نيلامي جا خواب ڏسندڙ پنهنجي حدن ۾ رهن، اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي هاڻي هو ڪارونجهر وڪڻڻ چاهين ٿا، اسان ٻُڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪارونجهر اسان جي سڃاڻپ ۽ ثقافت آهي، جنهن ڏانهن ميري اک کڻي ڏسندڙن جون اکيون ڪڍي ڇڏبيون، کيرٿر ۽ ڪاڇو ڪوهستان بحريا ٽائون حوالي ڪيا ويا آهن. جلسي کي ايس ٽي پي جي اڳواڻ شاهنواز سيال، گهنشام مالهي، ڏيوجي ڀيل ۽ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ چاچا الهرکيو کوسو به خطاب ڪيو.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار