لاهور قلندرز جي مداحن کي آزادي جون مبارڪون، عاقب جاويد

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فرنچائز لاهور قلندرز جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ موجود لاهور قلندرز جي مداحن کي آزادي جون مبارڪون هجن.يوم آزادي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ عاقب جاويد چيو آهي ته سماج ۾ تبديلي آڻڻ جو عزم وٺو، سڀ کان پهرين پاڻ ۾ تبديلي آڻينداسين.ٻئي طرف لاهور قلندرز جي چيف ايگزيڪيوٽو عاطف رانا چيو آهي ته لاهور قلندرز فيملي طرفان سمورن پاڪستانين کي مبارڪون هجن.هن چيو ته لاهور قلندرز هن وقت تائين 3 ٽرافيون کٽي چڪو آهي ۽ فتوحات جو سفر ائين ئي جاري رهندو.لاهور قلندرز جي فاسٽ بالر زمان خان چيو آهي ته 14 آگسٽ تمام پيارو ڏينهن آهي، اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجي ملڪ کي صاف رکو ۽ ٻين جو به خيال رکو.ڪرڪيٽر ڪامران غلام چيو ته مان سڀني کي جشن آزادي جون واڌايون پيش ڪريان ٿو، پاڪستان زنده آباد.

پهنجو تبصرو موڪليو