ايشيا ڪپ لاءِ ڪمنٽري پينل جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي شهر ملتان ۾ 30 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ ايشيا ڪپ لاءِ 19 رڪني ڪمنٽري پينل جو اعلان ڪيو ويو آهي.ڪمنٽري پينل جو اعلان براڊڪاسٽر اسڪائي اسپورٽس پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڪيو، جنهن موجب ڪمنٽري پينل ۾ ميزبان ملڪ پاڪستان جا 4 اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ ڀارت جا 11 اڳوڻا ڪرڪيٽر شامل آهن، رميز راجا جو نالو ڪمنٽري پينل ۾ شامل ناهي.سريلنڪا، انگلينڊ ۽ آسٽريليا جو هڪ هڪ ڪرڪيٽر ڪمنٽري پينل ۾ شامل آهي. پاڪستان طرفان وسيم اڪرم، وقار يونس، عامر سهيل ۽ بازيد خان ڪمنٽري پينل ۾ شامل آهن جڏهن ته ڀارت جا 11 اڳوڻا ڪرڪيٽر روي شاستري، سنجي منجريڪر، گوتم گمڀير ۽ هرڀجن سنگهه شامل آهن.سريلنڪا جو اتاپتو، انگلينڊ جو ڊومينڪ ڪارڪ، آسٽريليا جو ميٿيو هيڊن ۽ زمبابوي جو اينڊي فلاور پڻ پينل ۾ شامل آهن.ياد رهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل اڃا تائين اهو پينل پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ناهي ڪيو.واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان آهي ۽ ايونٽ ٻن مرحلن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو، ايونٽ جي شروعات ملتان کان ٿيندي جنهن ۾ ميزبان ٽيم پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.ٽورنامينٽ جا 4 ميچ پاڪستان ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته فائنل سميت 9 ميچون سريلنڪا ۾ کيڏيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو