پوليس پاران ايمان مزاري ۽ علي وزير جي گرفتاري جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد پوليس اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي گرفتار ڪري ورتو.ترنول پوليس ايمان مزاري کي سندس گهر مان گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي. اسلام آباد جي ترنول پوليس اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير کي گرفتار ڪري ورتو.اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي علي وزير کي حڪومت ۾ مداخلت ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ايمان مزاري کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي…اسلام آباد پوليس اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير ۽ ايمان مزاري جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي.ان حوالي سان پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻئي جوابدار اسلام آباد پوليس کي جاچ لاءِ گهربل هئا.هن چيو ته سمورن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد پوليس جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي جاري ڪيل خبرن کي درست مڃيو وڃي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته پوليس اسٽيشن مان ڪنهن کي به بيان ڏيڻ جو اختيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو