پهرين ون ڊي، افغانستان 59 رنسن تي آئوٽ، پاڪستان کي سوڀ

همبنٽوٽا(ويب ڊيسڪ)پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان تباهه ڪندڙ بالنگ جو مظاهرو ڪندي افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.همبنٽوٽا ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم 202 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 59 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.واضح رهي ته پاڪستان افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو.افغانستان جي جادوئي ۽ تجربيڪار اسپن بالنگ خلاف قومي بيٽسمين مشڪل ۾ پئجي ويا.فاسٽ بالر فضل حق فاروقي اوپنر فخر زمان کي 2 رنسن تي پويلين واپس موڪليو، پوءِ مجيب الرحمان صفر تي بابر اعظم کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪري پاڪستاني ٽيم کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو.پاڪستان جي ٽين وڪيٽ 40 رنسن تي ڪري پئي جڏهن محمد رضوان 7.5 اوورن ۾ 21 رنسون ٺاهي پاڻ مجيب جي هٿان ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو.ايندڙ بيٽسمين آغا سلمان هو جنهن صرف 7 رنسون ٺاهيون. وڪيٽ جي ٻئي پاسي افتخار احمد امام الحق جو سهارو ڏيڻ لاءِ ڪيريز تي آيو ته ٻنهي وچ ۾ 50 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي.افتخار احمد 112 جي مجموعي اسڪور تي 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ان کانپوءِ امام الحق ۽ شاداب خان وچ ۾ 40 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي ۽ ٽيم 150 جو اسڪور پورو ڪيو، جتي امام الحق تيز شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. هن 21 رنسن جي اننگز کيڏي.نئون بيٽسمين اساما مير صرف 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته سندس پٺيان ايندڙ شاهين آفريدي به ايترا ئي رنسون ٺاهي راشد خان کي وڪيٽ ڏني.9هين وڪيٽ تي شاداب خان ۽ نسيم شاهه 35 رنسون ٺاهي ٽيم جو مجموعي اسڪور 200 جي ويجهو پهچايو. شاداب خان 39 رنسون ٺاهي 198 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.201 رنسن تي پاڪستان جو آخري آئوٽ حارث رئوف هو جيڪو هڪ رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٻئي طرف نسيم شاهه 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.افغانستان طرفان مجيب الرحمان 3، محمد نبي ۽ راشد خان 2-2 جڏهن ته رحمت شاهه ۽ فضل حق فاروقي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.افغانستان جڏهن بيٽنگ شروع ڪئي ته پاڪستاني پيسرن پنهنجي تجربي کي استعمال ڪندي تباهه ڪندڙ بالنگ جو مظاهرو ڪيو، جنهن سبب افغانستان جي اڌ ٽيم 35 رنسن تي پويلين موٽي وئي.ان کان اڳ ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو هو ته هو سٺو ٽوٽل ڪري افغانستان تي دٻاءُ وڌندا.هنبنٽوٽا ۾ کيڏي ويندڙ هن ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ امام الحق، فخر زمان، بابر اعظم، محمد رضوان، افتخار احمد، آغا سلمان، شاداب خان، اساما مير، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف شامل آهن.پهرين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم جي قيادت حشمت الله شاهدي ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو