ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين: ڪاڪڙ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ سموري توانائي خرچ ڪنداسين. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت محدود وقت لاءِ آهي، پنهنجي آئيني ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.هن چيو ته اسان چاهيون ٿا چونڊون آزاد ۽ شفاف ٿين، هر شهري جي حقن جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. هوڏانهن نگران وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ امين الحق، خواجا اظهار ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري به موجود هو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم وفد کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو