ستلج درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار، پي ڊي ايم اي وارننگ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ)ستلج درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، جڏهن ته هيڊ اسلام وٽ اوچائي سطح جي ٻوڏ آهي.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) وارننگ جاري ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.ايندڙ 10 کان 12 ڪلاڪن دوران گنڊا سنگهه وٽ پاڻي جي سطح وڌيڪ وڌڻ جو به امڪان آهي.پاڪ فوج جي بهاولپور ڊويزن جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.پاڪ فوج ميلسي، چشتيان، منچن آباد، پاڪپتن، عارف والا ۽ وهاري ۾ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي.ٻوڏ متاثرن لاءِ مفت طبي ڪئمپون، ريسڪيو آپريشن ۽ مفت راشن جي ورڇ جاري آهي.ان کان علاوه ٻوڏ دوران شهرين کي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آهن.ٻئي طرف بوريوالا ۾ 2 ڄڻا ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جڏهن ته درجنين ڳوٺ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن جو زميني رابطو پڻ ڪٽجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو