ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ۾ افغانستان کي وائيٽ واش ڪندي سيريز کٽي ون ڊي جي عالمي رينڪنگ ۾ دنيا جي پهريون نمبر ٽيم بڻجي وئي آهي. آخري ميچ ۾ 59 رنز تان افغانستان کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. افغانستان جي پوري ٽيم 48.4 اوورز ۾ 209 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. شاداب 3، نواز، شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون هڪ وڪيٽ سلمان آعا کي ملي. ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان طرفان ڏنل 269 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ افغانستان جي پوري ٽيم 49 هين اوور ۾ 209 رنسن تي ڍير ٿي وئي.اهڙي طرح پاڪستان فتح جو سفر جاري رکيو جيڪو ڪولمبو ۾ همبنٽوٽا کان شروع ٿيو هو.افغانستان طرفان مجيب الرحمان 35 بالن تي 64 رنسون ٺاهيون، جنهن دوران هن 5 ڇڪا ۽ ڪيترا چوڪا لڳا، بدقسمتي سان شاهين آفريدي کيس آئوٽ ڪيو.افغانستان طرفان شاهد الله 37، رياض حسن 34، راشد خان 16، حشمت الله شاهدي 13، رحمان الله گربز 5، محمد نبي 3، جڏهن ته ابراهيم زدران ۽ گلبدين نايب بنا ڪنهن رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا.گرين شرٽس طرفان شاداب خان 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته فهيم اشرف، شاهين شاهه آفريدي ۽ محمد نواز 2-2 جڏهن ته آغا سلمان هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهيون، گرين شرٽس طرفان محمد رضوان 67 ۽ بابر اعظم 60 رنسون ٺاهيون. ان دوران رضوان 1 ڇڪو ۽ 6 چوڪا جڏهن ته بابر 1 ڇڪو ۽ 4 چوڪا هنيا.ٻين رانديگرن ۾ محمد نواز 30، فخر زمان 27، امام الحق 13، سعود شڪيل 9، شاداب خان 3 ۽ فهيم اشرف 2 رنسون ٺاهيون.افغانستان طرفان گلبدين نايب 2 ۽ فريد احمد 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فضل حق فاروقي، مجيب الرحمان ۽ راشد خان هڪ وڪيٽ ورتي.ٽئين ميچ ۾ گرين شرٽس ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ڪولمبو ۾ ٽاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اڄ پهريان 10 اوور مشڪل هوندا، وڌيڪ رنسون ٺاهي افغان ٽيم تي دٻاءُ وڌو ويندو.بابر اعظم چيو ته ميچ لاءِ ٽيم ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن. سعود شڪيل، فهيم اشرف، محمد نواز ۽ وسيم جونيئر کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته حارث رئوف، نسيم شاهه، افتخار احمد ۽ اساما مير کي آرام ڏنو ويو آهي.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ