پاڪستان 5 وڪيٽن تان سريلنڪا کي شڪسٽ ڏئي سيريز کٽي ورتي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪسٽ ڏئي سيريز کٽي ورتي. پهريون ميچ بارش سبب رد ٿي ويو هو ۽ آخري ٻئي ميچ پاڪستان کٽي ورتيون. مين آف دي ميچ عابد علي ۽ سمارٽ پليئر آف دي ميچ ۽ بهترين فيلڊر جو اعزاز فخرالزمان کي مليا. مين آف دي سيريز بابر اعظم کي قرار ڏنو ويو. سريلنڪا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 297 رنز ٺاهيون. پاڪستان جي اوپنرز مّبوط اسٽينڊ فراهم ڪيو ۽ اوپنر عابد علي 67 بالن تي 74 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو ۽ بابر اعظم 26 بالن تي 31 رنز ٺاهي پراديپ جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. فخر الزمان 91 بالن تي 76 رنز ٺاهي پراديپ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڪپتان سرفراز 23 بالن تي 23 رنز ٺاهي لهيرو ڪمارا جي بال تي بولڊ ٿي ويو. حارث سهيل 50 بالن تي 55 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. افتخار احمد ۽ وهاب رياض ڪيريز تي موجود هئا جڏهن 11 بالن تي 3 رنز گهربل هيون ته افتخار احمد وننگ شاٽ کيڏي ميچ کٽي ورتي. ان کان اڳ ۾ سريلنڪا جي اوپنر دانوشڪا سينچري اسڪور ڪئي.  اويشڪا فرنينڊو کي 4 رنز تي محمد عامر سرفراز ھٿان ڪيچ آئوٽ ڪرائي ڇڏيو. ڪپتان لهرو ٿريماني 53 بالن تي 36 رنز ٺاهي نواز جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿي ويو. اينجلو پريرا 25 بالن تي 13 رنز ٺاهي شنواري جي بال تي حارث سهيل هٿان ڪيچ ٿي ويو. اوپنردانوشڪا 133 رنز ٺاهيون عامر کيس بولڊ ڪيو، منود ڀانوڪا 36 رنزتي محمد نواز جي ٿرو تي رن آئوٽ، شيهان جي سوريا 3 رنز ٺاهي محمد نواز جي بال تي افتخار هٿان ڪيچ ٿيو. ونندو هاسارنگا 10 رنسون ٺاهي عامر جي بال تي هٽ وڪٽ ٿي ويو. اڳلي بال تي عامر لڪشن سنداڪن کي رن آئوٽ ڪيو. داسن شناڪا 24 بالن تي 43 رنز ٺاهيون ۽ آخري اوور جي آخري بال تي وهاب رياض جي قسمت ٺاهيندي ڪيچ ٿيو. وهاب رياض مهانگو ترين بالر ثابت ٿيو هن 10 اوورز ۾  81 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. عامر ابتدا ۾ بريڪ ٿرو ڪيو جنهن بعد 10 اوورز ۾ 50 رنز ڏئي ٽي وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ کي رن آئوٽ ڪيو. پاڪستان پنهنجي ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون آهن، امام الحق ۽ عماد وسيم جي جاءِ تي عابد علي ۽ محمد نواز کي شامل ڪيو ويو آهي. امام الحق گذريل ميچ ۾ فيلڊنگ دوران زخمي ٿي پيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو