ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل افغان بالر جي اوچتو ريٽائرمينٽ جو اعلان

حيدر آباد دکن (ويب ڊيسڪ)ڪجهه ڏينهن بعد ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ افغان ٽيم جو حصو بڻيل نوجوان فاسٽ بالر ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.24 سالن جي افغان فاسٽ بالر نوين الحق ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ واپسي ڪري ون ڊي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، ورلڊ ڪپ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نوين الحق لکيو ته ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ فخر جي ڳالهه آهي پر ورلڊ ڪپ کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندس پر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ لاءِ ٽيم کي موجود رهندس.نوجوان فاسٽ بالر وڌيڪ لکيو ته اهو تمام ڏکيو فيصلو آهي پر پنهنجي ڪيريئر کي ڊگھو ڪرڻ لاءِ افغان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سمورن مداحن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.بين الاقوامي ڪرڪيٽ کان علاوه نوين الحق دنيا جي مختلف ٽي 20 ليگز ۾ به کيڏندو آهي جنهن ۾ پي ايس ايل، بگ بيش، لنڪن پريميئر ليگ ۽ آءِ پي ايل شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو