ڪوڏي ڪوڏي جو شاندار مقابلو، شوقينن پاران رانديگر کي انعام

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) سبزي منڊي لڳ سنڌ جي قومي راند ڪوڏي ڪوڏي کيڏي وئي جنهن ۾ سنڌ اليون ۽ ڀٽائي اليون حصو ورتو .  شامل رانديگرن ۾ سنڌ اليون طرفا ظفرعلي. بابرعلي. مينراحمد. جي ايم ملڪ. ۽ ٻيا جڏهن ته ڀٽائي اليون طرفان صدام حسين شيخ شاهد حسين. قربان علي ۽ ڪامران حصو ورتو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو۽ ٻنهي ٽيمن پاران هڪ هڪ رائونڊ کٽڻ تي راند برابر قرارڏني وئي. راند دوران پليئر گرائونڊ ۾ موجود شوقينن کان انعام ۽ داد وٺندا رهيا. جڏھن ته راند دوران ٻنهي ٽيمن جي بابرملڪ ۽ صدام شيخ سٺي راند کيڏي تماشائين کان ڀرپور داد وصول ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو