ڪارونجھر کي جي فيصلي جي عوامي تحريڪ پاران آجيان

حيدرآباد (ن س)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارونجھر جبل جي کوٽائي کان روڪي ڪارونجھر جبل جي فطري حيثيت تسليم ڪندي ان کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا. اهو هڪ سارہ جوڳو فيصلو آهي. اڳواڻن چيو ته ڪارونجھر سان گڏ گورک هل اسٽيشن، کيرٿر نيشنل پارڪ، گنجو ٽڪر، ڪارو جبل ,هاليجي، ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍن سميت سنڌ جي سمورن تاريخي ,ثقافتي ماڳن کي عالمي ورثو قرار ڏنو وڃي. انهن ماڳن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته بحريا ٽائون سنڌ ۾ نئون اسرائيل جوڙڻ جي سازش آهي. پيپلز پارٽي ڀڳڙن مٺ عيوض ملڪ رياض ,ڊي ايڇ اي ۽ ٻين مختلف اسڪيمن ۽ قبضا گيرن کي سنڌ جون زمينون نيلام ڪري ڇڏيون آهن. سپريم ڪورٽ سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضن ۽ ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيل زمينن جو نوٽيس وٺي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو