بيجنگ (م ڊ) چائنا امريڪا کي جيش محمد کي بليڪ لسٽ ڪرڻ واري معاملي تي خبردار ڪيو آهي ته هوان معاملي تي دانائي کان ڪم وٺي. اهڙواظهار چائنا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته ان معاملي تي امريڪا “سينڪشن ڪاميٽي” کي باءِ پاس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو مناسب ۽ معمول وارو طريقه اختيار نه پيوڪري. هن چيو ته امريڪا جو اهڙو قدم سينڪشن ڪميٽي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو۽ مسئلي کي وڌيڪ خراب ڪندو. اسان کي اهو مسئلو ڳالهين ذريعي نبيرڻ گهرجي. واضح رهي ته اربع واري ڏينهن امريڪا جيش محمد جي اڳواڻ مسعود اظهر کي دهشتگرد قرار ڏيڻ لاءِ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ قراردات جمح ڪرائي هئي. چائنا اڳ به ان معاملي تي پنهنجو ويٽو استعمال ڪري چڪي آهي. ڀارتي ڪشمير ۾ 14 فيبروري تي پلواما ضلع ۾ ٿيل خود ڪش حملي بعد اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرءَ 1267 هيٺ اهو معاملو سينڪشن ڪميٽي ۾پيش ڪيو هو. مسعود اظهر جي تنظيم جيش محمد تي سلامتي ڪائونسل 2001 ۾ پابندي لاڳو ڪري چڪي آهي۽ پاڪستان پاران جيش محمد سان 2002 کان لاتعلقي جو اعلان ڪري چڪو آهي. تازو ايشيا پيسفڪ گروپ، پاڪستان پاران پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ڪيل اپائن ۽ قانون سازي بابت جائزو وٺڻ لاءِ جيڪو وفد موڪليو هو ان پاڪستاني اپائن تي عدم اطمينان ظاهر ڪيو هو.
شانگله: پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 4 زخمي
گهرو وزير جي سعودي هم منصب سان ملاقات، سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو