سائفر ڪيس اڊيالا جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وفاقي ڪابينا اڊيالا جيل ۾ سڪيورٽي ڪيس جي ٽرائل جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڪابينا ميمبرن کان سرڪيوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود ۽ ٻين خلاف آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت ٽرائل اڊيالا جيل ۾ ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيشل ڪورٽ جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا کان اڊيالا جيل ۾ سڪرنڊ ڪيس جي ٽرائل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جيل ٽرائل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي کان به آگاهه ڪيو ويو. وفاقي حڪومت سائفر ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيس لاءِ عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو