غزه ۾ بفر زون قائم ڪرڻ چاهيون ٿا: اسرائيل

غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه ۾ بفر زون قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ان حوالي سان عرب ملڪن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.مصري ۽ علائقائي ذريعن پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌايو ته اسرائيل غزه ۽ اسرائيل جي وچ ۾ اتر کان ڏکڻ تائين بفر زون چاهي ٿو.ذريعن موجب اسرائيل جي بفر زون جو مقصد حماس ۽ ٻين ويڙهاڪن کي اسرائيل تي حملن کان روڪڻ آهي.ان حوالي سان اسرائيل مصر، اردن ۽ گڏيل عرب امارات کي پنهنجي منصوبي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب ڪنهن به عرب رياست مستقبل ۾ غزه جي پوليس يا انتظاميا لاءِ رضامندي ظاهر نه ڪئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل پنهنجي منصوبي بابت سعودي عرب ۽ ترڪي کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مصر، سعودي عرب، قطر ۽ ترڪي رپورٽ تي ردعمل کان پاسو ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب متحده عرب امارات جي اختيارين به ان رپورٽ تي سڌو سنئون ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي.يو اي اي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته هو فلسطيني رياست لاءِ پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن به اتفاق راءِ جي حمايت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو