ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ۽ جماعت اسلامي ڪراچي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، جنهن جي تصديق مرتضيٰ وهاب ڪئي آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي وارن کي ڪجهه معاملن کان آگاهه ڪرڻو آهي، اهڙي پاليسي ٺاهي آهي، جنهن سان شهرين کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته گذريل سٽي ڪائونسل اجلاس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان سان عوام کي درست پيغام نه ويو، جماعت اسلامي احتجاج ڪيو ۽ اجلاس متاثر ٿيو، جنهن کانپوءِ 7 نومبر تي به اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سندس موجب ان کان اڳ پارلياماني ليڊرن جو اجلاس به طلب ڪيو ويو هو، جنهن ۾ جماعت اسلامي سان پي ٽي آءِ جي ميمبر ڳالهايو. مرتضيٰ وهاب چيو ته پ پ جي پارلياماني ليڊر نجمي عالم جماعت اسلامي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن هاڪاري رويو اختيار ڪيو ۽ شهر جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي.