واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ پاران گذريل ڪجهه هفتن دوران مختلف نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن. تازو ئي ويوونس آڊيو ميسيج جي فيچر کي واٽس ايپ جو حصو بڻايو ويو هو.هاڻي واٽس ايپ ۾ ميسينجر کي پن ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي. ان کان اڳ واٽس ايپ واهپيدار چيٽس کي پن ڪري سگھندا هئا پر چيٽس جي اندر ميسيجز کي پن ڪرڻ ممڪن نه هو. پر هاڻي ائين ڪرڻ ممڪن هوندو ڪمپني موجب اينڊرائڊ، آءِ او ايس ۽ ڊيسڪ تاپ ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ اهو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي. اهو فيچر چيٽس جيان ئي ڪم ڪري ٿو.يعني چيٽ جي اندر ڪنهن هڪ ميسيج کي پن ڪري سگھجي ٿو، جيڪو ان چيٽ ونڊو کي اوپن ڪرڻ تي سڀ کان مٿي نظر ايندو. پر پن چيٽس جي ابتڙ پن ميسيج مخصوص وقت کان پوءِ هٽ ويندا. جڏهن ڪو واهپيدار ڪنهن ميسيج کي پن ڪندو ته ان جي آڏو 24 ڪلاڪ، 7 ست ڏينهن ۽ هڪ مهيني جو آپشن نظر ايندو. باءِ ڊيفالٽ هڪ پن ميسيج 7 ڏينهن بعد هٽي ويندو. اهو فيچر انفرادي چيٽس سان گڏوگڏ گروپ چيٽس ۾ به ڪم ڪندو. پر گروپ چيٽس ۾ ايڊمن کي اختيار هوندو ته اهو ميمبرز کي ان فيچر کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو يا نه. ڪمپني موجب اهو فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ايندڙ هفتن ۾ سڀني واهپيدارن کي دستياب هوندو.
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم
ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا: گورنر سنڌ