قاسم سوري کي ڊي سيٽ ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کي ڊي سيٽ ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 23 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس محمد علي مظهر شامل هوندا.عدالت ڪيس ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو