اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس چونڊن بابت سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان جي صدارت هيٺ چونڊن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چونڊن جي دوران شهر جي سيڪيورٽي بابت غور ڪيو ويو.اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب چونڊن بابت سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي پر اڃان تائين فنڊز جاري نه ٿيڻ سبب عملي قدمن ۾ دير ٿي رهي آهي.ترجمان چيو ته سمورن پوليس اهلڪارن جون موڪلون ٻئي حڪم اچڻ تائين پابندي لڳائي وئي آهي. پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 10 هزار اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا. اضافي ڊيوٽين لاءِ رضاڪار ۽ رٽائرڊ آفيسرن جون خدمتون ورتيون وينديون. ان کان علاوه 500 رضاڪار عورتن جي خدمت لاءِ به درخواست ڏني وئي آهي.ترجمان چيو ته چونڊن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي. هٿيارن جي نمائش، احتجاج يا امن امان ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي. سمورين حساس پولنگ اسٽيشنن تي ڪيمرا لڳايا ويندا ۽ سيف سٽي اسلام آباد ۾ مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويندو. ترجمان ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادان جا 10.000 اهلڪار ڊيوٽي جا فرض ادا ڪندا. پرامن چونڊون ڪرائڻ اسلام آباد پوليس جي ذميواري آهي شهري ڪنهن به غير معمولي سرگرمي جي اطلاع پڪار 15 يا آءِ سي ٽي 15 ايپ تي ڏين.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي