اسلام آباد (بيور رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي، جنهن سان صارفين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي الجوميه گروپ جي سربراهه شيخ عبدالعزيز حماد الجوميه جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. الجوميه گروپ ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. نگران وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سعودي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي جنهن سان صارفين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گهريلو ۽ صنعتي صارفين کي بنا رڪاوٽ جي بجلي جي فراهمي سان ڪراچي اليڪٽرڪ پنهنجي انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. نگران وزيراعظم الجوميه گروپ کي پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني. الجوميه گروپ جي وفد ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي ٽيم جا ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي 1500 ميگاواٽ جي نئين سيڙپڪاري جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو. انهن منصوبن ۾ مقامي ذريعن ۽ قابل تجديد توانائي تي ڀاڙيو ويندو.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار