مهانگائي ۾ گهٽتائي، نيب جو خاتمو، 1 ڪروڙ نوڪريون، ن ليگ منشور

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) عام چونڊن 2024 جي لاءِ پنهنجو چونڊ منشور عوام جي سامهون پيش ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي منشور ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي ماڊل ٽائون ۾ نوازشريف ۽ شهباز شريف جي موجودگي ۾ پارٽي منشور جو اعلان ڪيو.سينيٽر عرفان صديقي چيو ته منشور جي جوڙجڪ لاءِ 32 ڪميٽين ڏينهن رات محنت ڪئي. منهنجي لاءِ تمام گهڻو آسان هو ته مان 8 کان 10 صفحن جو منشور لکي ڪنهن اڳواڻ کي ڏئي چئي ڇڏيان ها ته هي پڙهي ڇڏ. پر اسان کي انهي ۾ ٻڌائڻو هو ته گذريل حڪومتن جي ڪارڪردگي ڪهڙي رهي آهي ۽ ڪهڙي حڪومت ڪهڙا ڪم ڪيا.مسلم ليگ(ن) طرفان پيش ڪيل منشور ۾ زراعت جي جدت ۽ هاري جي خوشحالي شامل آهي. جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سان ملڪ کي محفوظ بنايو ويندو.منشور ۾ آئيني، قانوني، عدالتي ۽ انتظامي اصلاحن جي منصوبه بندي به شامل ڪئي وئي آهي. آئيني اصلاحن ۾ اهو به شامل ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63/62 کي پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي. جڏهن ته نيب جو خاتمو ڪيو وڃي.پي ايم ايل(ن) منشور 2024-2029 ۾ بجلي جي بلز ۾ 20 کان 30 گهٽتائي آڻڻ جڏهن ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو به واعدو ڪيو.نوازليگ سرحد پار امن جو پيغام ڏيڻ جو به ارادو ظاهر ڪيو.منشور ۾ زراعت کي اهميت ڏني وئي آهي ننڍين هارين جي لاءِ وياج کان پاڪ قرضن جي فراهمي فصل جي نقصان ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال شامل آهي. منشور تي عمل ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ڪونسل جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو جيڪو حڪومتي ڪارڪردگي جي ٽه ماهي رپورٽ جوڙيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو