لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر اساما مير جو چوڻ آهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڀارت ۾ کيڏيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڊيوڊ وارنر جو ڪيچ ڊراپ ڪرڻ تي ماڻهن مون کي خانگي ميسيج ذريعي گاريون ڏنيون.جيو ڊجيٽل سان ڳالهائيندي اساما مير چيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ ميچن دوران سٺي پرفارمنس نه ڏئي سگهياسين جيڪو افسوس جوڳو آهي.آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ڊيوڊ وارنر جو ڪيچ ڊراپ ڪرڻ تي اساما مير چيو ته مان اڄ تائين جيتريون به ميچون کيڏيو آهيان، ڊيوڊ وارنر جو ڪيچ منهنجي طرفان ڊراپ ڪيو ويو پر اهو هڪ اهڙو ڪيچ هو جنهن کي ڪير به پڪڙي سگهي ٿو، بعد ۾ ماڻهن جو رد عمل انتهائي خراب هو. سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن مون لاءِ خراب لفظ استعمال ڪيا، ڪجهه پرائيويٽ ميسيج استعمال ڪيا ۽ مون کي گاريون ڏنيون.اساما مير چيو ته ماڻهو توهان کي هڪ ڪارڪردگيءَ سان ڊان بريڊمن بڻائيندا آهن پر خراب ڪارڪردگيءَ سان توهان کي سلپ ڪري ڇڏيندا آهن، خبر ناهي ڪهڙي شيءِ آهي. پاڪستاني عوام کي اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ڇو ته اسان پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏي رهيا آهيون ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ نه کيڏيو.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي