جمهوري حڪومت چونڊڻ جي حق جي حمايت ڪريون ٿا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين مائيڪل ميڪل چيو آهي ته آمريڪا پاڪستاني عوام جي جمهوري حڪومت جي چونڊ جي حق جي حمايت ڪري ٿو.هڪ بيان ۾ مائيڪل ميڪل چيو ته هو پاڪستان جي عوام کي عام چونڊن ۾ ڀرپور شرڪت تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.هن چيو ته ڪنهن به جمهوريت ۾ آزاد ۽ شفاف چونڊون بنيادي اهميت رکن ٿيون، چونڊن ۾ ڪرپشن يا ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.مائيڪل ميڪل جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن يا فراڊ جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت جيڪا قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جو احترام ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو