اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، چونڊن بابت پرڏيهي مشوري جي ضرورت ناهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته عام چونڊن ۾ پرڏيهي مبصرن کي به دعوت ڏني وئي هئي، اسان پرڏيهي مبصرن ۽ دولت مشترڪه جي مبصرن کي ڀليڪار ڪيون ٿا، پاڪستان پنهنجو آئيني فرض سنجيدگي سان پورو ڪيو ۽ اسان آئيني ذميواريون پوريون پوريون ڪري رهيا آهيون.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل پاڪستان جو اندروني معاملو آهي، چونڊن بابت پرڏيهي مشوري جي ضرورت ناهي.هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستانين کي ملڪ جي سياسي عمل بابت ڳالهائڻ جو حق آهي ان تي تبصرو نه ڪنداسين.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته رفح شهر ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪريون ٿا، او آءِ سي به اسرائيلي جارحيت خلاف خبردار ڪيو آهي ۽ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل سميت فلسطينين جو قتل عام روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي فورسز 10 فيبروري تي والاريل ڪشمير ۾ جماعت اسلامي جي آفيسن تي ڇاپا هنيا، جماعت اسلامي والاريل ڪشمير ۾ دفترن تي ڇاپن جي سخت مذمت ڪري ٿي.ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان کي خطي ۾ دهشتگرد عنصرن جي اڀار تي تحفظات آهن، افغان انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان خلاف سرگرم دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، افغانستان ۾ دهشتگردن جي پناهه گيرن تي خدشا آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي ميڊيا بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ڊومينيڪن ريپبلڪ وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا آهن.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم