يروشلم (ويب ڊيسڪ)اتر غزا ۾ اسرائيلي فوج جي شيلنگ ۽ فائرنگ ۾ صحافين کي به نشانو بڻايو ويو،اسرائيلي بربريت سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته مدد لاءِ منتظر فلسطينين تي گوليون پڻ هنيون ويون.ٻئي طرف انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطيني زمين تي اسرائيل جي 57 سالن کان قبضي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران ڏکڻ آفريڪا جي نمائندي چيو ته اسرائيل مسلسل فلسطينين جي حقن کان انڪار ڪري غزه ۾ انصاف جي عالمي عدالت جي حڪم سميت سمورن عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. آفريڪي نمائندي مطالبو ڪيو ته انصاف جي عالمي عدالت اسرائيلي قبضي کي غير قانوني قرار ڏئي.ان کان علاوه اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جيڪو جنگ جو جنون آهي، يرغمالين جي آزاديءَ جي بدلي ۾ حماس جون شرطون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان تي اندروني ۽ بيروني دٻاءُ آهي ته هو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ کانسواءِ جنگ ختم ڪري ۽ ڪنهن به قيمت تي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ معاهدو ڪريون، پر حماس جا شرط قبول نٿا ڪري سگهون.نيتن ياهو چيو ته حماس جا شرط مڃڻ ۽ يرغمالين کي واپس آڻڻ جو مطلب اهو هوندو ته اسرائيلي رياست حماس جي سامهون پنهنجي شڪست قبول ڪئي هئي.ٻئي طرف اسرائيلي ريڊيو سان ڳالهائيندي اسرائيلي وزير بيزليل سيموٽرڪ چيو ته نيتن ياهو واضح ڪري چڪو آهي ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي جي ڪا به قيمت ادا نه ڪنداسين.
سيڪيورٽي ۾ غفلت، ڊي سي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد عهدن تان برطرف
بلاول ڀٽو جي مولانا سان ملاقات، ڪجهه آئيني ترميمن تي اتفاق
ارسا قانون ۾ ترميمن خلاف سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو: راشدي
ڪارساز حادثي جي جوابدار عورت جي درخواست ضمانت تي ڌريون طلب
قبرستان جي زمين تان انڪروچمينٽ هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم
يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي
سمورين گاڏين رجسٽريشن يا ٽرانسفر بائيو ميٽرڪ ذريعي ٿينديون
مودي جو عيد ميلاد النبي صلعم جي موقعي تي مبارڪباد جو پيغام
آئيني ترميم جو مقصد صرف مون کي جيل ۾ رکڻ آهي،عمران خان
آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ميروخان مان نوجوان لاپتا،پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج
ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي
مولانا فضل الرحمان جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو
ڪوئيٽا: پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو حڪم
ڊيوس ڪپ، پهرين مرحلي ۾ پاڪستان کي شڪست
چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم
غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن خلاف برطانيه ۾ وڏو احتجاج،جنگبندي جو مطالبو
جوڙ توڙ ويهڪون ناڪام،آئيني ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي
تجويز ڪيل آئيني ترميم پيش نه ٿيون، سينيٽ اجلاس ملتوي
ليڪ ٿيل ڊرافٽ موجب ان سان ڪو به اتفاق نٿو ڪري سگهي