سڄي ملڪ ۾ اڄ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اڄ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، مسجدن ۽ گهرن تي نفلي عبادت ۽ شب بيداري جو خصوصي اهتمام ڪيو ويندو.شعبان جي مهيني جي پندرهين رات، رحمتن ۽ برڪتن واري رات آهي. هن رات کي ليلته المبارڪ يعني برڪتن واري رات ليلته الصڪ يعني ورهاست جي رات ۽ ليلته الرحمت يعني رحمت نازل ٿيڻ جي رات به چيو ويندو.شب برات جي اجتماعن ۾ مسجدن ۾ خصوصي نفل جي ادائيگي، الله پاڪ جي آڏو گناهن کان توبهه، بخشش، مغفرت، ايمان، سلامتي، رزق جي ڪشادگي ۽ پاڪستان جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون. ان کان علاوه نفلي روزو به رکيو ويندو.شب برات جي سلسلي ۾ شهر جي مسجدن کي رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو آهي. شهري پنهنجن پيارن جي قبرن تي حاضري ڏئي گل چاڙهيندا ۽ فاتحه خواني ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو