اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) مسلم ليگ (ن) جو سردار اياز صادق 199 ووٽ کڻي قومي اسمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. راجا پرويز اشرف کيس نئين اسپيڪر طور حلف کڻايو ۽ اسپيڪر جي ڪرسي سندس حوالي ڪئي. ٽيون ڀيرو اسپيڪر جي عهدي تي ڪامياب ٿيندڙ اياز صادق ووٽ ڏيندڙ سڀني اتحادين جو شڪريو ادا ڪيو. ان کان اڳ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ووٽنگ دوران 291 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جن مان هڪ ووٽ رد ڪيو ويو ۽ راجا پرويز اشرف اعلان ڪيو ته اياز صادق جي مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ محمد عامر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا. نتيجي جي اعلان بعد سردار اياز صادق اٿي وڃي عامر ڊوگر سان ڳلي مليو. اياز صادق اسپيڪر طور حلف کڻڻ بعد اجلاس جي صدارت ئي ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪرائي،ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ غلام مصطفيٰ ۽ جنيد اڪبر جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو غلام مصطفيٰ 197 ووٽ کڻي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، نئين چونڊيل اسپيڪر اياز صادق ڊپٽي اسپيڪر کان عهدي جو حلف ورتو.غلام مصطفيٰ جي مقابلي ۾ سني اتحاد جي اميدوار جنيد اڪبر کي 92 ووٽ مليا.ان دوران ايوان مينڊيٽ چور نا منظور جا نعرا به لڳندا رهيا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ايوان ۾ ميمبرن کي اسپيڪر جي چونڊ جو طريقيڪار ٻڌايو، جنهن کانپوءِ سني اتحاد ڪائونسل جي بيرسٽر گوهر ۽ عمر ايوب پوائنٽ آف آرڊر تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين اسيمبلي ۾ ميمبرن جو تعداد وڌندو. ايوان مڪمل ٿيو، اليڪشن ڪيئن ٿيندي؟ مسلم ليگ ن جي ميمبر قومي اسيمبلي راڻا تنوير جڏهن خيالن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن شور مچائڻ شروع ڪيو، جنهن تي اسپيڪر چيو ته جڏهن توهان ماڻهو ڳالهائي رهيا هئا ته سڀ خاموشي سان ٻڌي رهيا هئا. توهان کي ٻين کي خاموشي سان ٻڌڻ گهرجي. بعد ۾ اسپيڪر راجا پرويز اشرف اسپيڪر جي چونڊ جو عمل شروع ڪندي چيو ته آئين ۽ قانون موجب اوهان پاڻ اليڪشن ڪميشن وٽ ويا آهيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن سان لاڳاپيل فورم آهي قومي اسيمبلي ناهي،اسپيڪر لاءِ اياز صادق مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل اميدوار آهي، جڏهن ته عامر ڊوگر سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار آهي، اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ڪئي ويندي. اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن 19هين قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ 336 رڪني ايوان مان 302 ميمبرن حلف کنيو هو.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم