ڪيمپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ ۾ منهنجي سفارش نه مڃيو: نقوي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان دوري جي سلسلي ۾ ٽريننگ ۽ فٽنيس ڪيمپ لاءِ رانديگرن جي چونڊ جي حوالي سان پي سي بي اختيارين سان تفصيلي مشاورت ڪئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ ڪيمپ لاءِ رانديگرن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ محسن نقوي رانديگرن جي چونڊ ميرٽ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.چيف سليڪٽر وهاب رياض چيئرمين کي پي ايس ايل 9 ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بيٽسمينن ۽ بالرز بابت رپورٽ پيش ڪئي.محسن نقوي چيو ته پي ايس ايل 9 ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ڪيمپ ۾ شامل ڪيو وڃي.هن چيو ته ميرٽ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊيل رانديگر سٺا نتيجا ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو