ليکڪ اعجاز مهر
سنڌ جي نامياري اديب ۽ براڊ ڪاسٽر آغا سليم جي اڄ اٺين ورسي آهي. سدائين مرڪندڙ سنڌ جي هن مهان قوي کي شايد اڄوڪو فيسبڪي نسل گهٽ سڃاڻيندو هجي پر پنهنجي دور جو هو اهڙو انمول هيرو هو جنهن سوشل ميديا ۽ ٽيڪنالاجي واري هن سيلابي دنيا کان گهڻو اڳ محدود اخبارن ۽ رسالن واري ميڊيائي دور ۾ پنهنجي لازوال ڪم سبب محنت ڪري نالو ڪمايو هو.
منهنجون هن سان ڪجهه ملاقاتون هيون ۽ جڏهن به ملندو هو ڏاڍي پيار سان ’من‘ ڪري مخاطب ٿيندو هو. ڪچهريو ايتريون ته مزيدار هونديون هيون جو اٿن تي دل ئي نه چوندي هئي.
هن ڪافي ڪتابن جو ترجمو به ڪيو هو. سندس خاندان 1948 ۾ حيدرآباد لڏي آيو هو. هن ڪالي موري ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪئي هئي. سندس وفات ڪراچي ۾ ڊفيس واري علائقي ۾ ٿي هئي. هنکي ٻه پٽ ڊاڪٽر جمشيد خان، خداداد خان ۽ هڪ نياڻي گل زرين جي اولاد هئي. وفات کان چند گهڙيون اڳ هن سامي بابت لکيل ڪتاب جي اشاعت بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي اهو شايع ڪرائڻ جي وصيعت ڪئي هئي.
سنڌ جي مشهور ليکڪ، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، لطيف جي پارکو ۽ دانشور آغا سليم 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، آغا سليم جو اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان ھو، سڄي زندگي پڙهڻ لکڻ، صحافت ۽ نشريات سان لاڳاپيل رهيو، ريڊيو پروڊيوسر ڀرتي ٿيو، اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو، سندس پهرين ڪهاڻي او ظالم سماج، شايع ٿي هئي جڏهن ته هن جو پهريون ناول اونداهي ڌرتي روشن هٿ هو.
هو جاڳو ۽ سچ اخبارن جو ايڊيٽر رهيو، سندس ڇپيل ڪتابن/مجموعن ۾ تلاش، چنڊ جا تمنائي، لذت گناهه، اونداهي ڌرتي روشن هٿ، درد جو شهر، همه اوست، ڌرتي روشن آهي، اڻپورو انسان، ڍولا مارو، لالن لال لطيف ڪهي، باب فريد، صدين جي صدا، سندهه ڪي موسيقي، وغيره شامل آهن،
ان کان سواءِ ھن شاھ لطيف تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، شاھ جي شاعري جو اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ترجمو ڪيائين، کيس ٻه دفعا لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو، وفاقي حڪومت پاران کيس صدارتي تمغه برائي حسن ڪارڪردگي ۽ تمغه امتياز به عطا ڪيو ويو،
نفيس طبيعت واري آغا سليم 81 سالن جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي بيماري سبب 12 اپريل 2016ع تي وفات ڪئي.
وزيراعظم جو 5 سالا اقتصادي پلان “اڏار پاڪستان” گيم چينجر
ورڪس کاتي ٿيندڙ ڀرتين جي آرڊر جعلي قرار،ترجمان جي ترديد
ايس اين ايس جو اجلاس ۾ اخباري مسئلن ۽ ميڊيا آزادي تي ڳالهيون
غفلت ڪندڙ آفيسرن ۽ عملي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي
صحافي منظور ملڪ جي چاليهي جي دعا ٿي گذري، مغفرت لاءِ دعا
باني ۽ ٻين قيدين جي آزاديءَ سميت جڊيشل ڪميشن جو مطالبو
ريلوي ۽ ايف جي آئي آر ڪراچي ڊويزن جي سالياني انسپيڪشن مڪمل
سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڌاڙيل راڄ ۾ پ پ برابر جي شريڪ آهي:جماعت اسلامي
عمران خان کي اڊيالا جيل کان بني گالا منتقل ڪرڻ جي آڇ
موسميات کاتي ڪراچي ۾ چار جنوري کان ٿڌ وڌڻ جو امڪان ظاهر
9 مئي جي 19 ڏوهارين جون سزائون معاف ڪرڻ جو اعلان
19 ماڻهن لاءِ معافي جو اعلان وڏي اڳڀرائي نٿو سمجهان: بيرسٽر گوهر
قيدين جي آزادي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪبو، عمران جي ڪميٽي کي هدايت
ممتاز زهريٰ بلوچ فرانس ۾ پاڪستان جي سفير مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
هڪ سال دوران وڌيڪ 1 ڪروڙ 30 لک پاڪستاني غربت جو شڪار
ڪي ايم سي پمپنگ اسٽيشنن کي پارڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو
ملڪ جي بهتري لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: اياز صادق
ايم ڊبليو ايم طرفان سڄي ملڪ ۾ لڳل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان
مهانگائي 5 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي: اسحاق ڊار
سنڌ حڪومت 27 ڊسمبر تائين موڪل تي هئي؟ علي خورشيدي