راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻئي ٽي توئنٽي ميچ ۾ 12.1 اوورز ۾ ميچ کٽي نيوزيلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. محمد رضوان وننگ اسٽروڪ ۾ چوڪو هڻي ميچ کٽي ورتي. رضوان 45 ۽ عرفان نيازي 18 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان 91 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ صائم ايوب ۽ بابر اعظم اننگ شروع ڪئي، صائم ايوب ٻن بالن تي هڪ چوڪو هڻي بن لسٽر جي هٿان سندس ئي بال تي ڪيچ ٿيو، بابر اعظم 3 چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 14 رنسون ٺاهي بريسويل جي بال تي سيفرٽ هٿان اسٽيمپ آئوٽ ٿيو، عثمان خان 7 رنسون ٺاهي سوڍي جي بال تي بولڊ ٿيو. محمد رضوان ۽ عرفان خان نيازي اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ميچ کٽرائي. پاڪستان ٽاس کٽي نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ پوري مهمان ٽيم 18.1 اوورن ۾ 90 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. راولپنڊي ۾ کيڏيل 5 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ قدر آسان ٽارگيٽ ملڻ تي پاڪستاني ٽيم ڪافي خوش نظر آئي. پهرين ميچ بارش سبب نه ٿي سگهي هئي پر ٻئي ميچ لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي. نيوزيلينڊ جو ڪو به بيٽسمين پاڪستاني بالرن جي مقابلي ۾ گهڻي دير نه هلي سگهيو . نيوزيلينڊ جو بيٽسمين مارڪ چيپمين 19 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. ساهين آفريدي 3.1 اوورز م 13 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. محمد عامر، ابرار ۽ شاداب ٻه ٻه شڪار ڪيا ۽ نسيم شاهه کي هڪ وڪيٽ ملي.
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري