راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) 179 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽم رابنسن ۽ ٽم سيفرٽ اننگ شروع ڪئي، 42 جي مجموعي اسڪور تي ٽم سيفرٽ 21 رنس ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي بولڊ ٿيو، 53 جي مجموعي اسڪور تي رابنسن به 28 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد شاداب جي بال تي مارڪ چيپمين جو ڪيچ نسيم شاهه ڊراپ ڪيو جنهن ميچ جو پاسو پلٽي ڇڏيو ۽ ففٽي مڪمل ڪرڻ بعد شاهين ۽ نسيم شاهه کي لڳاتار چوڪا ۽ ڇڪا هنيا ۽ رن ريٽ 6 جي لڳ ڀڳ کڻي آيو. هو 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 45 بالن تي 87 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، نيوزيلينڊ 10 بال باقي هئا ته ميچ کٽي ورتي. آخري اوورز م سڀني فاسٽ بالرز جي بهترين ڌلائي ڪئي وئي. ڊين فاڪسڪرافٽ سينچري کان مٿي پارٽنرشپ ٺاهي ٽيم جي فتح يقيني بڻائي. 16 اوورن جي پڄاڻي تي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنز ٺاهيون. ان کان اڳ پنجن ميچز جي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي. بابر اعظم ۽ صائم ايوب اننگ شروع ڪئي 55 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب هڪ ڇڪي ۽ پنج چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 32 رنس ٺاهي اش سوڍي جي بال تي جمي نيشم هٿان ڪيچ ٿيو. 84 جي اسڪور تي بابر اعظم هڪ ڇڪي ۽ چئن چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 37 رنسون ٺاهي بريسويل جي بال تي جيڪب ڊفي هٿان ڪيچ ٿيو. بابر اعظم هن ميچ ۾ اهم رڪارڊ به قائم ڪيا، هو 400 چوڪا هڻندڙ پهريون ڪپتان بڻجي ويو، وڌيڪ چوڪن جو رڪارڊ آئرلينڊ جي پال اسٽرلنگ جو 407 چوڪن جو آهي. بابر ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀني کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ ڪپتان بڻجي ويو آهي، اڳ ۾ آسٽريليا جي ايرون فنچ 67 اننگز م 2 هزار 362 رنز ٺاهيون هيون، بابر جون هاڻي ٽي ٽوئنٽي ۾ فنچ کان 10 رنز اڳتي آهي. تيرهين اوور ۾ عثمان خان به 77 بالن تي 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ محمد رضوان 21 بالن تي 22 رنسون ٺاهي زخمي ٿيڻ سبب رٽائر ڪيو. جنهن بعد عرفان نيازي ۽ شاداب خان مڊل اوورز ۾ سلو ٿي ويل اسڪور تيزي سان اڳتي وڌايو۽ سٺي پارٽنر شپ لڳائي. شاداب 20 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 41 رنز ٺاهي جيڪب ڊفي جي بال تي چيپمين هٿان ڪيچ ٿيو. افتخار هڪ ۽ عرفان نيازي 30 تي ناٽ آ.وٽ رهيو هن هڪ ڇڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي اهو اسڪور ڪيو. پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 20 اوورز ۾ 178 رنز اسڪور ڪيون. ياد رهي ته پهرين ميچ برسات سبب رد ٿي وئي هئي ۽ ٻئي ميچ ۾ پاڪستان مهمان ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. بابر اعظم جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ٽيم ۾ محمد عامر جي جاءِ تي عباس آفريدي کي شامل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ويسٽ انڊيز جي وومن ٽيم جي ٽن ميچز واري سيريز ۾ لڳاتار پاڪستان کي ٻن ميچز ۾ شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي.
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري