اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي طرفان بني گالا جي سب جيل ۾ قيد دوران بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اڳوڻي خاتون اول جو سومر تائين ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ٻڌڻي جي شروعات تي پبلڪ پراسيڪيوٽر عبدالرحمان ايڊووڪيٽ جنرل جي غير حاضري تي عدالت کان معذرت ڪئي، هن چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل اڄ هتي ناهيان، ٻيهر معافي گهران ٿو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو هو ته اسان جي اڳوڻي حڪم تي عمل ڪيو وڃي، اسان جي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.عدالت پبلڪ پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته وڃي ايڊووڪيٽ جنرل کي طلب ڪيو وڃي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب وڌيڪ چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل طرفان عدالت جو سهڪار نه ڪرڻ تي وفاق کي ٻڌائيندس.بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدم تعاون تي ايڊووڪيٽ جنرل خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي نشاندهي ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿيڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشرا بي بي کي اسلام آباد ڊائيگناسٽڪ سينٽر يا ايڪسل ليب ۾ طبي معائنو ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.عدالت درخواستگذار جي ٽيسٽ رپورٽ سومر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم