اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي آخري مالياتي قسط جاري ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملڻ سان پاڪستان ۾ وڌيڪ معاشي استحڪام ايندو. 2016 ۾ منهنجي اڳواڻ نوازشريف آءِ ايم ايف پروگرام کي مڪمل ڪيو هو. اهو ايس بي اي جو ٻيون پروگرام آهي جيڪو مڪمل ٿي رهيو آهي.هن چيو ته 16 مهينن جي حڪومت دوران پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۾ آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو اهم ثابت ٿيو هو پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ ڏکيا فيصلا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهڙن فيصلن جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. رب پاڪ معيشت کي بهتر بنائڻ جو موقعو ڏنو آهي، پوري طاقت لڳائي پاڪستان کي معاشي ترقي ڏيارينداسين.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قرض وٺڻ ڪاميابي نه آهي، ڪاميابي انهي ڏينهن ٿيندي جنهن ڏينهن قرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين. صحيح رستي تي سفر محنت سان جاري رهندو ته معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو.وزيراعظم ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سميت سمورين معاشي ٽيمن جي ڪاوشن جي تعريف ڪندي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو به ٿورو ادا ڪيو جنهن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم