ڊبلن(ويب ڊيسڪ)آئرلينڊ پاڪستان کي پهررين ٽي ٽوئنٽي ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هڪ بال باقي هو ته ميزبان ٽيم ميچ کٽي ورتي، اهو پهريون ڀيرو آهي ته پاڪستان کي آئرلينڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست ڏني آهي. آخري اوور ۾ 11 رنز گهربل هيون ۽ عباس آفريدي رن نه روڪي سگهيو. گيرٿ ڊيلني 6 بالن تي 10 ۽ ڪرٽس ڪيمفر 7 بالن تي 15 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ 183 رنز جي ٽارگيٽ لاءِ ايندريو بال برني ۽ ميزبان تيم جي ڪپتان پال اسٽرلنگ اننگ شروع ڪئي پر ٻئي اوور ۾ 14 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان 5 بالن تي 8 رنز ٺاهي نسيم شاه جي بال تي بابراعظم هٿان ڪيچ ٿيو. 27 جي مجموعي اسڪور تي لورڪان ٽڪر به 4 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو. تيرهين اوو ۾ 104 جي اسڪور تي هيري ٽيڪٽرهڪ ڇڪو ۽ 3 چوڪا هڻي 27 بالن تي 36 رنز ٺاهي عماد جي بال تي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو. 143 جي اسڪور تي ميزبان ٽيم جي چوٿين وڪيٽ ڪري جڏهن جارج ڊوڪريل 12 بالن تي 24 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو. ان دوران اوپنر اينڊريو بال برني پنهنجي وڪيٽ محفوظ رکندي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ جارحاڻي راند کيڏندو رهيو. هو 2 ڇڪن 10 چوڪن جي مدد سان 55 بالن تي 77 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي بولڊ ٿيو. آخري اوور ۾ 11 رنز گهربل هيون. آخري 3 اوورز ۾ 30 رنز گهربل هيون. پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهيون. رضوان بنا 4 بالن تي هڪ رن ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿيو جنهن بعد صائم ايوب ۽ ڪپتان بابر جي جوري اسڪور اڳٽي وڌايو. صائم ايوب 3 چڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 45 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ ڪپتان ففٽي مڪمل ڪري هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 43 بالن تي 57 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. اعظم ۽ شاداب زيرو تي آئوٽ ٿيا، فخر الزمان 20 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، افتخار 3 ڇڪن ۽ 3چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 37 رنز تي ناٽ آئ.وٽ رهيو ۽ شاهين آفريدي 8 بالن تي 2 ڇڪا هڻي 14 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ آئرلينڊ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو . ڊبلن ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئرلينڊ جي ڪپتان پال اسٽرلنگ ٽاس کٽي پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستاني ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم، وسيم ايوب، محمد رضوان، فخر زمان، شاداب خان، اعظم خان، افتخار احمد، عماد وسيم، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ محمد عباس آفريدي شامل آهن.
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود